جتوئي وحيد

جتوئي، وحيد: نوجوان ليکڪ ۽ شاعر عبدالوحيد جتوئيءَ، 31 جنوري 1977ع تي ڳوٺ ماٽي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي انگريزي ادب (1998ع) آهي. انسٽيٽيوٽ آف سـنـڌالاجـيءَ ۾ اسـسٽنـٽ پبليڪيشن آفيسر رهڻ کان پوءِ هن وقت انگريزي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سندس ڪتابن ۾: ’سنڌي شاعري، فن کان فڪر تائين‘ (1998ع)، ’وجوديت ۽ سنڌي ادب‘ (2001ع)، ’Evening Shadows‘ (انگريزي شاعري: 2004ع) ۽ ’Phoenix Will Rise Again‘ (انگريزي شاعري: 2007ع) ڇپيل آهن. هو هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.01.31  عيسوي

عبدالوحيد جتوئيءَ ، 31 جنوري 1977ع تي ڳوٺ ماٽي ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت پرتاب
سنت بابا هريرام
راهب شاهه شيرازي
صادق حسين قريشي
حافظ عبدالستار ڪوريجو
اخلاق حسين
در محمد خان
آصف نواز جنجوعا
سريچند پنجومل صابلاڻي
اشرف سمون ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون